سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ پکڙيل بيمارين جا هاڃا جاري، وڌيڪ 5 ڄڻا فوت،
قمبر ۾ ڊگري ڪاليج جـِي رليف ڪئمپ ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مليريا سبب 2 ٻارڙا فوت،
فوتي ٻارڙي جي والدين الزام هنيو آهي ته راشن ورهائڻ دوران افراتفري سبب ٻئي ٻارڙا لتاڙجي فوت ٿيا،
بخشاپور ۾40 ورهين جو سليم ڀٽو مليريا وگهي فوت ٿي ويو،
فريدآباد ۾ايف پي بچاءُ بند تي ويٺل ڳوٺ دوست چانڊيو واسي ٻوڏ متاثر رمضان چانڊيو گيسٽرو حياتي وڃائي ويٺو، گولاڙچي ويجهو ڳوٺ خاناڻي جت ۾ نوجوان علي محمد جت ڊينگي وائرس وگهي فوت ٿي ويو.