وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي اسپيشل ڪورٽ ۾ پيش،
وزيراعظم روسٽرم تي اچي چيو ته پنجاب ۾ 20 سال وڏ وزارت دوران فيصلن سان ڪٽنب جي ڪاروبار کي نقصان پهتو، هاڻي ڏکين حالتن ۾ پارٽي قائد سياست کي داءُ تي لڳائي رياست بچائڻ جي ذميواري ڏني آهي،
پيٽرول اگهه وڌن پيا، ملڪ ۾ ٻوڏ آهي، اسان لاءِ هاڻي هڪ هڪ ڊالر قيمتي آهي،
وزيراعظم چيو ته مون شگر ملز کي سبسڊي ڏيڻ جي سمري رد ڪئي ۽ چيو ته هي پنجاب جي غريب عوام جو پئسو آهي، مون خلاف مني لانڊرنگ جا ڪوڙا ڪيس تيار ڪيا ويا،
انتقام تي ٻڌل عمل ملڪي سياست ۾ خلل پيدا ڪيو، جج صاحب فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، عدالت حاضري لڳائڻ کانپوءِ وزيراعظم کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.