سنڌ

September 30, 2022 1:04 pm

سنڌ حڪومت جي گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت جي منظوري بابت اجلاس گهرائڻ جي سخت لفظن

سنڌ حڪومت اقتصادي معاملن واري ڊويزن پاران گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت جي منظوري بابت اجلاس گهرائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت بابت اجلاس گهرائڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، اقتصادي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،

صوبائي وزير آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي گريٽر ٿل ڪئنال بابت ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيندي چيو ته سنڌ سرڪار جي منظوري کانسواءِ ڪوبه عملدار گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت بابت اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: