اهم خبرون

پاڪستان

September 30, 2022 12:59 pm

عمران خان معافي وٺڻ لاءِ ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري وٽ پهچي ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ معافي وٺڻ لاءِ ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري وٽ پهچي ويو.
اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ، ۾ قلم هڪ سئو 44 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پيش ٿيو، جنهن دوران 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وڪيلن سميت ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کان معافي وٺڻ لاءِ پهچي ويو، عورت جج عدالتي ڪمري ۾ موجود نه هئي.
عمران خان ڪورٽ ريڊر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميڊيم زيبا کي ٻڌائجو ته عمران خان اوهان کان پنهنجي لفظن تي معافي وٺڻ آيو هو، ريڊر کي نياپو ڏيڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت مان واپس روانو ٿي ويو.

وڌيڪ پڙهو: