پاڪستان

September 29, 2022 6:19 pm

سپريم ڪورٽ نيب ترميم خلاف عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ نيب ترميم خلاف عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 4 آڪٽوبر تي عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه ٽه رڪني بينچ جو حصو هوندا.

عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي.

وڌيڪ پڙهو: