سنڌ

September 29, 2022 4:46 pm

مدئجي ويجهو اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ڳاهيجا واسي سائيڪل سوار فوت

مدئجي ويجهو اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ڳاهيجا واسي سائيڪل سوار  فوت  ٿي ويو، جنهن جي وارثن جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳاهيجا بس اسٽاپ وٽ اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ سائيڪل سوار مولابخش ميراڻي فوت ٿي ويو.

فوتي جي وارثن لاش لاڙڪاڻو-سکر روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو،  ڪمجم سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

پوليس حادثي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: