اهم خبرون

پاڪستان

September 29, 2022 1:58 pm

مريم نواز عدالت ۾ پيش

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران ن ليگ اڳواڻ مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن.

نيب عدالت کي ٻڌايو ته نيب پراسيڪيوٽر عثمانجي راشد چيما اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيندو.

نيب طرفان عدالت کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته نيب پراسيڪيوٽر صحت جي خرابي سبب پيش نه ٿيندو.

نيب جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي پنهنجي جاءِ تي دليل مڪمل ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: