اهم خبرون

سنڌ

September 29, 2022 1:39 pm

سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ پکڙيل بيمارين جا ڪلور جاري

سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ پکڙيل بيمارين جا ڪلور جاري، وڌيڪ 7 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو،

جاتي ويجهو ڳوٺ ڪارو رند ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو شير علي رند ۽ 50 ورهين جو الهڏنو گيسٽرو وگهي دم ڏئي ڇڏيو،  سن ۾ 10 ورهين جـِي نينگري ڪومل جوکيو مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺي،

هالا جـِي قاضي آباد ڪالوني ۾ برسات متاثر پيرسن 70 ورهين جي موٽو ڀيل گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،

اڪري چودڳي جي ڳوٺ هوند علي شر جي رهواسي هڪ سال جي نياڻي تسليم گيسٽرو وگهي ڪراچي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو،

ڏاهلي واسي 40 ورهين جو گهميرو ميگهواڙ تيز بخار سبب حيدرآباد جي اسپتال ۾ حياتي وڃائي ويٺو،

دادو ويجهو ڳوٺ بوبڪ جي رهواسي پورهيت غلام شبير لنڊ مليريا وگهي دم ڏنو.

وڌيڪ پڙهو: