ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ فريادي ۽ جوابدارن وچ ۾ ٿيل ٺاهه جـِي ڪاپي ملير جـِي
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، ناظم جوکيو جـِي
امڙ مسمات جميعت ۽ بيواهه شيرين جوکيو صلح نامو جمع ڪرائيندي چيو
ته هو 6 جوابدارن خلاف ڪيس نٿا هلائڻ چاهين، ڄام اويس، معراج، سليم،
دودي، سومار ۽ احمد خان کي معاف ڪيو آهي،
جيڪڏهن عدالت کين بري ڪرڻ چاهي ته کين ڪو به اعتراض نه هوندو،
ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو چيو ته سندس 4 ٻار آهن،
عدالت ٻارن جو کيس سربراهه مقرر ڪري، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.