رانديون

September 29, 2022 1:28 pm

ڀارتي ويب سائيٽ عامر جمال لاءِ ڇا لکيو؟

انگلينڊ خلاف پنجين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ پاڪستاني آل رائونڊر عامر جمال جي ساراهه جو سلسلو جاري آهي.

ان حوالي سان ڀارتي نيوز چينل جي ويب سائيٽ تي عامر جمال جي وڊيو به شيئر ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ويب سائيٽ (اين ڊي ٽي وي) انگلينڊ خلاف عامر جمال جي آخري اوور جي وڊيو پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته ڏس، پاڪستان جي ڊيبيو ڪندڙ رانديگر آخري اوور ۾ پنهنجي اعصاب تي قابو رکيو.

واضح رهي ته عامر جمال انگلينڊ خلاف پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آخري اوور ڪيو هو. ان وقت انگلش ٽيم کي فتح لاءِ 15 رنسن جي ضرورت هئي.

وڌيڪ پڙهو: