پاڪستان

September 29, 2022 1:18 pm

وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائڻ محفوظ ناهي، فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فواد چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل باجوه عمران خان کي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائڻ محفوظ ناهي.

هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آرمي چيف عمران خان کي چيو هو ته وزيراعظم هائوس کي ڊيب ڪيو وڃي، پاڪ فوج جي ايڇ ڪيو جي سائبر سيڪيورٽي ڪئي هئي.

فواد چوڌري اهو به چيو ته ڀارتي ايجنسين پيگاسس پروگرام خريد ڪيو ته جيئن وزيراعظم عمران خان جون ڳالهيون هيڪ ڪري سگهن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ سربراهه، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اعظم خان جو آمريڪي سيفر سان لاڳاپيل آڊيو سامهون آيو هو.

هن آڊيو ڪلپ ۾ عمران خان کي اهو چوندي ٻڌو پيو وڃي ته اسان کي رڳو کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو نه وٺڻو آهي، رڳو ان ڳالهه تي کيڏنداسين ته اها تاريخ اڳ ئي هئي.

مبينا آڊيو ۾ اعظم خان جواب ۾ چيو ته مان سوچي رهيو هوس ته ان چپي چپي تي هڪ اجلاس ڪرايو وڃي، توهان کي ياد آهي ته آخر ۾ سفير ڊيمارچ لاءِ لکيو هو.

وڌيڪ پڙهو: