اهم خبرون

پاڪستان

September 28, 2022 6:59 pm

22 ڪروڙ عوام جو ملڪ چار سال نااهل ۽ غدار جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل رهيو: مريم نواز

ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ چار سال نااهل ۽ غدار جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل رهيو.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان مريم نواز چيو ته عمران خان  داخلي توڙي خارجي سطح تي ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ڪهڙو ڏوهه آهي جيڪو هن تي ثابت ناهي ٿيو؟.

هن  چيو  ته عمران خان آڊيو ليڪس ۾ پاڻ چئي رهيو آهي ته مون کي عوام سان کيڏڻو آهي، سنگين ڏوهه بعد  به غدار عمران خان کي عبرت جو نشان نه بڻايو ويو ته ملڪ جي تباهي جو ذميوار اسان سڀني کي سمجهيو ويندو.

ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ڇا اها تڪليف ڏيندڙ ڳالهه  ناهي ته غير ملڪي تربيت ورتل، فارين فنڊيڊ فتنو پاڪستان جي تقدير سان کيڏيو؟.

مريم نواز چيو ته هن فتني پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ ئي  پرڏيهي ملڪن کان ڊالر ورتا هئا، ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته عمران غدار اهو سڀ ڪندو رهيو پر سڀ خاموش ٿي ڏسندا رهيا.

هن چيو ته جيڪڏهن اڃا به هن فتني کي نه روڪيو ويو ته ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو.

وڌيڪ پڙهو: