پاڪستان

September 28, 2022 6:24 pm

ملڪي صورتحال تي فضل الرحمان جو تبصرو، عمران خان تي تنقيد

جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي پنهنجي تبصري ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ڄاڻي واڻي پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين نفرت ۽ انتقام جي سياست ڪري قومي اتحاد کي تباهه ڪيو آهي.

جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ نوجوان نسل جا اخلاق تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته قوم کي اندروني ورهاڱي جي ڇڪتاڻ مان ڪڍي قومي وحدت طرف آندو ويندو.

هن چيو ته عمران خان عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، هو قومي ادارن جي وقار جي بحالي کي يقيني بڻائيندا.

مولانا فضل الرحمان اهو به چيو ته هو پاليسي معاملن کي اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ جلد پي ٽي ايم جو اجلاس طلب ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: