سنڌ

September 28, 2022 5:53 pm

مرتضيٰ وهاب عدالتي فيصلي تي غلط فهمي پيدا ڪئي :حافظ نعيم الرحمان

امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب عدالتي فيصلي تي غلط فهمي پيدا ڪئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مرحوم جج ڪي ايم سي کي ٽيڪس گڏ ڪرڻ کان روڪيو آهي.

هن چيو ته صوبي جا سمورا بلدياتي ادارا انهن جي ماتحت آهن، اسان چاهيون ٿا ته فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪيا وڃن.

امير جماعت اسلامي ڪراچي وڌيڪ چيو ته مرتضيٰ وهاب عدالت جي فيصلي تي غلط فهمي پيدا ڪئي، هن عوام جي مسئلن تي قانونسازي نه ڪئي.

هن چيو ته بل بورڊز ۽ موٽر گاڏين جي ٽيڪس جو پئسو ڪٿان آيو، مرتضيٰ وهاب جنهن اختيار تي روئي رهيو آهي اها سندس پارٽي کائي رهي آهي.

وڌيڪ پڙهو: