پاڪستان

September 28, 2022 5:25 pm

15 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين اهم فيصلا ڪيا ويندا، شيخ رشيد

اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 15 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين اهم فيصلا ڪيا ويندا، پاڪستان حساس ۽ اهم دور مان گذري رهيو آهي.

مظفر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پي ٽي ايم جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، اها گينگ آف فور آهي، ان کي ذليل ڪرڻ لاءِ گينگسٽر کڻي آيا آهن.

هن چيو ته ڀارت جي بربريت جي مذمت ڪريون ٿا، اسان اهو نٿا چئون ته ڀارت سان لاڳاپا نه رکڻ گهرجن، پر جيستائين ڪشمير ۾ قتل عام جاري رهندو، ڪجهه نه ٿيندو.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ڀارت سان واپار جو وقت اچي، اسان کي هميشه عالمي طاقتن استعمال ڪيو، هاڻي وڊيو، آڊيو هلي رهي آهي.

وڌيڪ پڙهو: