سنڌ

September 28, 2022 5:23 pm

ڪراچي ۾ ڪلينڪ تي فائرنگ، چيني شهري مارجي ويو، 2 زخمي

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ چيني ڊينٽسٽ جي ڪلينڪ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ چيني شهري مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ڪلينڪ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ چيني ڏندن جو ڊاڪٽر رونالڊ ۽ سندس زال زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب، جوابدار ڪلينڪ ۾ مريض بڻجي آيو ۽ ان جي رخ تي ڊاڪٽر تي فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ ٻٽي شهريت آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪلانڪ وٽان 9 ايم ايم پستول جا خول هٿ ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ پڙهو: