حيدرآباد ڀرسان وڏو ڌاڙو، هٿياربند بئنڪ جي رقم کڻي ويندڙ سڪيورٽي ڪمپني
جي گاڏي مان ڪروڙين رپيا ڦر ڪري ويا، ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ ڪار ۽ ٽن موٽر سائيڪلز
تي سوار 7 هٿياربند مبينا طور عملي کي يرغمال بڻائي سڪيورٽي ڪمپني جي گاڏي ڦرلٽ ڪئي،
ٻه پسٽل ۽ ٻه رپيٽر به ڦر ، پوليس سيڪيورٽي ڪمپني جي سمورن گارڊز کي گرفتار ڪري ورتو،
سيڪيورٽي گارڊن موجب ڪمپني جون چار گاڏيون بئنڪن جي رقم کڻي ڪراچي
کان مورو وڃي رھيون ھيون ، ھڪ گاڏي ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾خراب ٿي ويئي،
جنهن بعد ھٿياربندن گھيري ۾ آڻي ڦر ڪئي، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ جو چوڻ آهي
ته چئني گاڏين ۾ 30 ڪروڙ هئا، هڪ گاڏي مان 3 کان 4 ڪروڙ رپيا ڦر ٿيا آهن،
ڪجهه شاهديون مليون آهن ته گاڏي کي هٿ وٺي
خراب ڪيو ويو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.