گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سامهون ايندڙ آڊيو ليڪس کانپوءِ ٽوئيٽر هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي رجحانن سان ڀريل آهي.
هن وقت پاڪستان ۾ ٽوئيٽر تي سياسي هيش ٽيگ وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيا آهن. جتي مختلف هيش ٽيگ استعمال ڪندي هزارين ٽوئيٽس ڪيا ويا آهن.
”سائفر هڪ حقيقت“ هن وقت پاڪستان ۾ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ آهي، ان تي هزارين ٽوئيٽس پوسٽ ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ ”وزيراعظم آفيس ليڪس“ ۽ ”آڊيو ليڪس“ ٽريڊنگ لسٽ ۾ شامل آهن.
ٽوئيٽر تي ”سازش ڪا ڊراما ليڪ“ ۽ ”هيڪر“ جا هيش ٽيگ به ٽريڊ ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ سربراهه، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اعظم خان جو آمريڪي سيفر سان لاڳاپيل آڊيو سامهون آيو آهي.
هن آڊيو ڪلپ ۾ عمران خان کي اهو چوندي ٻڌو وڃي ٿو ته اسان کي رڳو کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو نه وٺڻو آهي، رڳو کيڏڻو آهي ته اها تاريخ اڳ ۾ ئي هئي.