سنڌ

September 28, 2022 3:51 pm

فيڪٽرين جو زهريو پاڻي صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان روڪي ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ  سکر بينچ  گهوٽڪي جي فيڪٽرين جو زهريو پاڻي صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان روڪي ورتو آهي، عدالت ڊپٽي ڪمشنر  سکر کي 15 آڪٽوبر تائين پاڻي جو  ڇوڙ بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڊي سي سکر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته صالح پٽ جو دورو ڪري جائزو ور تو،  گهوٽڪي کان ايندڙ زهريلو پاڻي انسانن سان گڏ جانورن لاءِ به هاڃيڪار آهي، ڪجهه علائقي واسين  به گهر بچائڻ لاءِ ڍنڍن کي ڪٽ هڻي پاڻي نيڪال ڪيو، گهوٽڪي مان  پاڻي اچڻ سبب علائقي سان گڏ مياڻو گيس فيلڊ جي کوهن کي  به نقصان پهچي سگهي ٿو .

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ گهوٽڪي جي فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر سکر رپورٽ سميت پيش ٿي چيو ته  صالح پٽ جو دورو ڪري جائزو ور تو،  گهوٽڪي کان ايندڙ زهريلو پاڻي انسانن سان گڏ جانورن لاءِ به هاڃيڪار آهي، ڪجهه علائقي واسين  به گهر بچائڻ لاءِ ڍنڍن کي ڪٽ هڻي پاڻي نيڪال ڪيو، گهوٽڪي مان  پاڻي اچڻ سبب علائقي سان گڏ مياڻو گيس فيلڊ جي کوهن کي  به نقصان پهچي سگهي ٿو .

عدالت ڊي سي سکر کي 15 آڪٽوبر تائين گهوٽڪي جي فيڪٽرين جي پاڻي جي  ڇوڙ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت  لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي .

وڌيڪ پڙهو: