پاڪستان

September 28, 2022 3:39 pm

اتحادي حڪومت سموري صورتحال مان ڪاميابي سان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت سموري صورتحال مان ڪاميابي سان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مفتاح اسماعيل پاڪستان کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچايو، هاڻ اسحاق ڊار ناڻي جي وزارت جو قلمندان سنڀاليو آهي، هو معيشت کي مشڪل حالتن مان ٻاهر ڪڍندو.

هن چيو ته گذريل حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري معيشت کي نقصان پهچايو،اتحادي حڪومت سموري صورتحال  مان ڪاميابي سان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،

شهباز شريف چيو ته آمريڪا جي دوري دوران پرڏيهي سربراهن سان ڪامياب ملاقاتون ڪيون،گڏيل قومن ۾ اسان پنهنجن ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن بابت ڪيس رکيو.

هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت وڌيڪ قدمن تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي وئي،ثمر قند جي ڪامياب دوري دوران روس جي صدر سميت اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون.

وڌيڪ پڙهو: