اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آڊيو سامهون اچڻ بعد حڪومت پاڪستان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي قرآن پاڪ جي آيت شيئر ڪئي وئي.
حڪومت پاڪستان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي سوره حجرات جي آيت ۽ ترجمو شيئر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ سربراهه، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اعظم خان جو آمريڪي سيفر سان لاڳاپيل آڊيو سامهون آيو آهي.
هن آڊيو ڪلپ ۾ عمران خان کي اهو چوندي ٻڌو وڃي ٿو ته اسان کي رڳو کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو نه وٺڻو آهي، رڳو ان ڳالهه تي کيڏنداسين ته اها تاريخ اڳ ئي هئي.