اهم خبرون

پاڪستان

September 28, 2022 1:55 pm

عمران خان جو آڊيو ليڪ

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ اعظم خان جِي سائفر بابت مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي،عمران خان پاران آڊيو ۾ آمريڪا جو نالو نه کڻڻ ۽ سائفر سان کيڏڻ جي حڪمت عملي ٻڌائي ڇڏائي.

مبينا آڊيو ۾ عمران خان سائفر جي معاملي تي اعظم خان کي حڪمت عملي ٻڌائي رهيو آهي، اعظم خان معاملي کي اٿارڻ ۽ ان کي نئون رنگ ڏيڻ لاءِ گڏجاڻي گهرائڻ تي زور ڀريو.

اعظم خان ميٽنگ جا منٽس ۽ انهن کي پنهنجي طريقي سان ڊاڪيومينٽ ڪرڻ جو پلان ٻڌائي رهيو آهي.

آڊيو ۾ عمران خان  چئي ٿو ته هاڻ اسان کي رڳو کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو.

پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان چئي ٿو ته سائفر تي گڏجاڻي ڪري وٺون ٿا، شاهه محمود قريشي سائفر پڙهي ٻڌائيندو،جيڪو پڙهي ٻڌائيندو، ان کي ڪاپي ۾ تبديل ڪنداسين، پوءِ منٽس جو پنهنجي مرضي سان تجزيو ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: