پاڪستان

September 28, 2022 12:43 pm

وزير اعظم ۽ آرمي چيف سعودي وليعهد محمد بن سلمان کي سعودي عرب جو پهريون وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون

وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي وليعهد محمد بن سلمان کي سعودي عرب جو پهريون وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.

وزير اعظم  شهباز شريف سوشل ميڊيا تي محمد بن سلمان سان گڏ  پنهنجي تصوير شيئر ڪندي کيس وزير اعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون.

وزير اعظم ، محمد بن سلمان جي لاءِ عربي ۾ نيڪ خواهشن جو پيغام لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب جو وزير اعظم مقرر ٿيڻ مان پنهنجي ڀاءُ محمد بن سلمان کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

آءِ ايس پي آر مطابق  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.

هن چيو ته سعودي عرب اسلامي دنيا ۾ هڪ ڌار ۽ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، شهزاده خالد بن سلمان کي سعودي عرب جو دفاع وارو وزير ٿيڻ تي به مبارڪون ڏنيون.

وڌيڪ پڙهو: