اهم خبرون

پاڪستان

September 28, 2022 12:38 pm

جلاوطني ختم ڪري ڏيهه پهتل اسحاق ڊار احتساب عدالت آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو

5 سالن جِي پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري ڏيهه پهتل اسحاق ڊار وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پاڻ کي سرينڊر ڪري ڇڏيو،

عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ حاضري لڳائڻ کانپوءِ اسحاق ڊار کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اسحاق ڊار چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت پاسپورٽ رد ڪري منهنجا 5 سال ضايع ڪيا،

جنهن سبب عدالت ۾ به پيش نه ٿي سگهيس،

عدالت ٻاهران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته عمران خان ملڪ جو جيڪو حال ڪيو،

اهو دشمن به نه ڪري، پاڪستان کي 30 سال پوئتي ڪرڻ تي عمران خان کي معافي وٺڻ گهرجي،

چئن سالن جو گند ڇهن مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: