اهم خبرون

September 27, 2022 9:27 pm

اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٽرانسجينڊر ايڪٽ جي ڪيترن ئي شقن کي غير شرعي قرار

اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٽرانسجينڊر ايڪٽ جي ڪيترن ئي شقن کي غير شرعي قرار ڏيندي حقيقي مخنث جي حقن جي تحفظ تي زور ڀريو  آهي.

اسلام آباد ۾ چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي صدارت هيٺ  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ايڪٽ جون ڪيتريون ئي شقون شريعت جي اصولن خلاف  آهن،  جنهن سان سماج ۾ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب حڪومت ٽرانسجينڊر ايڪٽ تي نظرثاني لاءِ ڪميٽي جوڙي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ڪميٽي عالمن، قانوني ماهرن ۽ طبي ماهرن تي ٻڌل هجي،  ڪميٽي خواجا سرائن بابت قانون جو تفصيلي جائزو وٺي.

وڌيڪ پڙهو: