اهم خبرون

September 27, 2022 9:21 pm

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو نه اچي سگهيو

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، اڄوڪي ڏينهن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گيسٽرو، مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن،گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي بيمارين ۾ ورتل آهن، ٻوڏ سٽيل ۽ پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ سبب مليريا ۽ ڊينگيءَ جا ڪيس تيزيءَ سان وڌڻ لڳا، گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون به وبا بڻجڻ لڳيون.

ڳڙهي خيرو ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو ۽ مليريا تي ضابطو نه آيو، ڳوٺ سير واهه ۾ گيسٽرو وگهي 3 ورهين جو نعيم ديناري فوت ٿي ويو،ڳوٺ حسين بخش بروهي ۾ نينگر  قمر الدين بروهي مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو.

دادو ويجهو ڳوٺ آبساڻي واسڻ ناري حميرا ڏيپر گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، گولاڙچي ويجهو ڳوٺ خاناڻي جت واسي جمن جت ڊينگي وگهي دم ڏنو.

شهداد ڪوٽ ويجهو ڳوٺ بيگ محمد ڀرڳڙي واسڻ 8رهين جي طاهرا ڀرڳڙي گيسٽرو وگهي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن اسرار مڱڻهار مليريا وگهي فوت ٿي ويو.

ميھڙ ڀرسان نوجوان اياز درياڻي، فريد آباد ۾ نينگر مينهل چانڊيو ۽ شهدادڪوٽ ويجهو ٻارڙي اسرار مڱڻهار مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو.

نارو ويجهو ڳوٺ ارشاد علي ڀرڳڙي ۾ نوجوان الله  بخش ڀرڳڙي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو.

ٺاروشاھ ۾ به بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري ويون، ڳوٺ ٻانهون خان تيوڻو ۾ پيرسن سائينداد تيوڻو ۽ ڳوٺ عبدالڪريم وسطڙو ۾ فيض محمد وسطڙو  گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا.

وڌيڪ پڙهو: