اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي آصفه ڀٽو زرداري مورو سٽي ڪئمپ تي پھچي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ڪپڙا ۽ ٻارن جا رانديڪا ورهايا.
آصفه ڀٽو ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري سندس مسئلا معلوم ڪيا،ٽينٽ سٽي ۾ سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.
ان موقعي فيروز جمالي، شھناز انصاري، عاجز ڌامراهه، جاويد ناياب ۽ دوست علي سولنگي آصفه ڀٽو سان گڏ موجود هئا.
آصفه ڀٽو ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽ ڪپڙا ورهايا ، جڏهن ته ٻارن ۾ رانديگا پڻ تقسيم ڪيا.
آصفه ڀٽو جي آمد وقت سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.