پاڪستان

September 27, 2022 9:03 pm

ٻوڏ سبب پاڪستان ۾  3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 40 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن، عالمي برادري متاثرن جي مدد ڪري.بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان معاشي ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف سان مقرر ڪيل سمورا حدف به ٻوڏ ۾ لڙهي ويا آهن.

واشنگٽن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا کان وڌيڪ آبادي متاثر ۽ وڏي تباهي ٿي آهي.

هن چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾  3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 40 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن، عالمي برادري متاثرن جي مدد ڪري.

پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ جي پاڻي سبب وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جنهن سبب متاثر سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، دوائن، خيمن، ۽ مچھر دانين جي سخت ضرورت آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

وڌيڪ پڙهو: