اهم خبرون

پاڪستان

September 27, 2022 6:45 pm

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل ۾ قيدين سان غير انساني سلوڪ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيدين سان غير انساني سلوڪ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله جيل ۾ قيدين سان بدسلوڪي واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري کي آگاهه ڪيو ۽ ان جي روشني ۾ قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو. عدالت جو فيصلو آهي ته هيومن رائيٽس ايڪٽ 2012 تي مڪمل عمل ڪيو ويندو ۽ هيومن رائيٽس ڪورٽون به قائم ڪيون وينديون.

عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪميشن ۽ پي آءِ ايمز جي رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته درخواست ۾ لڳايل الزام بي بنياد نه آهن، پهريون ڀيرو ان تي الزام لڳايو ويو آهي.

عدالت چيو ته لڳي ٿو ته قيدين سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ جيل ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، عدالت نيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن کي اڊيالا جيل ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏنو ته نيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن پنجاب جا ميمبر جلد کان جلد جاچ رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائين.

وڌيڪ پڙهو: