اهم خبرون

پاڪستان

September 27, 2022 5:54 pm

مريم نواز مون کان ڪنهن به سفارش لاءِ ناهي چيو، شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف آڊيو ليڪ کي انتهائي اهم معاملو قرار ڏيندي چيو ته اها سڪيورٽي نقص آهي، جيڪو وڏو سواليه نشان آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته آڊيو ليڪ انتهائي سنجيده معاملو آهي، ان جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي پئي وڃي.

هن چيو ته هاڻي ڪير پاڪستان اچي اسان سان ڳالهيون ڪندو؟ اهو منهنجي نه پر پاڪستان جي عزت جو آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن ۾ عالمي اڳواڻن سان حوصلا افزائي واريون ملاقاتون ٿيون، هن چين ۽ روس جي صدرن سان به ملاقاتون ڪيون.

هن چيو ته ٻوڏ تباهي مچائي، جنهن جي تاريخ ۾ مثال ناهي، جنهن سبب 1600 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، هن عالمي فورم تي سوال ڪيو ته اسان انهن گناهن جي سزا ڇو ڏني، جيڪي اسان نه ڪيا هئا؟

شهباز شريف اهو به چيو ته اسان ڪشمير ۽ فلسطين بابت پاڪستان جو مضبوط موقف عالمي اڳواڻن آڏو پيش ڪيو آهي.

هن چيو ته اسان اسلامو فوبيا تي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ۽ دنيا جي سامهون ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي مذمت ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: