پاڪستان

September 27, 2022 5:46 pm

پاڪستان جو قرض 24 ڪلاڪن ۾ 1350 ارب گهٽجي ويو: اسحاق ڊار

حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان جو قرض 1350 ارب کان گهٽجي ويو آهي.

سينيٽ جي ميمبر شپ جو قسم کڻڻ کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهه ٻولهه دوران اسحاق ڊار چيو ته گذريل رات جڏهن هو پهتو ته ڊالر جي قيمت ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ رپئي جي قدر مصنوعي طور تي گهٽجي وئي آهي، اها صورتحال اسان جي مسئلن ۾ شامل آهي.

ان کان اڳ سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران ن ليگ جي سينيٽر وڌيڪ چيو ته مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي اگهه وڌڻ به مسئلن ۾ شامل آهي.

هن چيو ته پاڪستاني رپئي کي ماضي ۾ يرغمال ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ نه مستقبل ۾ يرغمال بڻجڻ ڏنو ويندو، گذريل بل ۾ وڌيڪ تبديليون اچڻ گهرجن.

اسحاق ڊار اهو به چيو ته 1999ع ۾ ڊالر جو مقرر ڪيل ريٽ مارڪيٽ بيس هو، هينڊمين پاڪستاني رپئي کي يرغمال نه بڻائي سگهيا.

هن وڌيڪ چيو ته هو گذريل رات پاڪستان پهچي ويو، ڊالر جي قيمت ۾ 10 رپيه جي گهٽتائي ٿي آهي. جنهن کانپوءِ 24 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ پاڪستان جي قرضن ۾ 1350 ارب جي گهٽتائي ٿي آهي.

وڌيڪ پڙهو: