اهم خبرون

پاڪستان

September 27, 2022 5:43 pm

اسحاق ڊار سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اسحاق ڊار کان حلف ورتو، ان موقعي تي حڪومتي اتحاد جا ميمبر اسحاق ڊار جي سيٽ تي ويا ۽ کيس مبارڪباد ڏني.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ ميمبرن چيئرمين سينيٽ جي ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ اجلاس جي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

سينيٽ ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته اسحاق ڊار حلف کڻي ورتو آهي، کيس ڀليڪار چئون ٿا.

اعظم نذير تارڙ اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوان جو تقدس پامال نه ڪريو، ڪنهن جو به پير صاف ناهي، جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ڪير به نه بچندو، اپوزيشن کي گذارش آهي ته اهڙو رويو نه اختيار ڪري.

هن چيو ته اميد آهي ته اسحاق ڊار ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍي ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪندو.

سينيٽر شهزاد وسيم پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جنهن معيشت جو ٻج ٻڏي ويو، ان کي واپس آندو ويو.

وڌيڪ پڙهو: