پاڪستان

September 27, 2022 4:08 pm

ملڪ جا اشتهاري پرڏيهه وڃي، ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪن ٿا:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ جا اشتهاري پرڏيهه وڃي، ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪن ٿا، ميبنا آڊيوز ۾ انهن جي حقيقت سامهون اچي وئي آهي، منشي اسحاق ڊار کي ڊيل ذريعي پاڪستان آندو ويو.

پشاور ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڇا ٻلو کير جي حفاظت ڪري سگهي ٿو؟،اسحاق ڊار کي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي ذميواري ڏني پئي وڃي، هو ڊپ وچان پرڏيهه هليو ويو هو،

هن چيو ته اولهه جي ملڪن ۾ ائين نه ٿيندو آهي، جيئن هتي ٿي رهيو آهي،مولانا فضل الرحمان کي ڏسي ڪري ماڻهو مذهب کان پري ٿي ويندا آهن،

عمران خان چيو ته پاڪستان فيصلي ڪندڙ موڙ تي پهچي ويو آهي، اسان جي ملڪ تي ڊرون حملا ٿيا ۽ ان وقت جا حڪمران خاموش ويٺا هئا،ڇا اسان برطانيا ۾ پنهنجي جوابدار تي ڊرون حملا ڪري سگهون ٿا؟.

هن چيو ته مديني جي رياست جي اصولن تي  اولهه جا معاشرا عمل ڪري رهيا آهن، جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ناهي،اهو جانورن جو سماج  آهي،قانون کان مٿڀرو ڪوبه نه هوندو آهي.

عمران خان چيو ته  جنهن قوم ۾ انصاف نه هوندو آهي، اها تباهه ٿي ويندي آهي، مسلمان ملڪ ۾ 20 سيڪڙو به قانون جي حڪمراني ناهي .

عمران خان چيو  ته هتي رعايت يافتا طبقي ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون هوندو آهي،اولهه ۾ ڪتي کي مارڻ تي به پوليس واري کي سزا ڏني وئي،اسان جي ملڪ ۾ پوليس شهباز گِل تي تشدد ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: