سنڌ

September 27, 2022 4:06 pm

هڪ هفتي اندر ڪي اين شاهه مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ هڪ هفتي اندر ڪي اين شاهه مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران ڊي سي دادو، ڊي ايڇ او دادو ۽ ڊي جي هيلٿ پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ناٿن شاهه کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان چئن هفتن ۾ رڳو فوٽو سيشن ڪيا، خيرپور ناٿن شاهه مان پاڻي ڇو نه ڪڍيو؟ قدرتي طور تي پاڻي نڪري رهيو آهي، رڳو فنڊز کڻڻ لاءِ ويٺا آهيو، اوهان کي ڪو ٻيو ڪم ڪونهي؟.

عدالت ڊي سي دادو کي فوري طور طلب ڪندي هڪ ڪلاڪ لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، وقفي بعد ڪارروائيءَ دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف خيرپور ناٿن شاهه جي دوري تي پهتل آهي، جنهن ڪري ڊي سي دادو پيش نه ٿي سگهيو آهي.

عدالت هڪ هفتي اندر خيرپور ناٿن شاهه مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڊپٽي ڪمشنر دادو، ڊي ايڇ او، ڊي جي هيلٿ ۽ چيف انجنيئر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت متاثر ماڻهن کي ٽينٽ فراهم ڪرڻ ۽ طبي ڪيمپون لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي سي دادو 4 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪري ته ڪي اين شاهه مان ڪيترو پاڻي نيڪال ٿيو، پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: