اهم خبرون

سنڌ

September 27, 2022 4:03 pm

ڪنهن جي ذاتي پسند نا پسند تي ملڪ ناهي هلندو: مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪنهن جي ذاتي پسند نا پسند تي ملڪ ناهي هلندو، ادارا آئين ۽ قانون موجب هلڻ گهرجن، قانونسازي پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي، قانون اجازت ڏئي ٿو ته ڪي ايم سي ٽيڪس گڏ ڪري سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ايڊمنسٽريٽر طور استعيفيٰ ڪنهن جي چوڻ تي ناهي ڏني، منهنجو ذاتي فيصلو هو، وسيم اختر جي زماني ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙ ڪمپني مرتضيٰ وهاب جي دور ۾ ٽيڪس ڇو نٿي اوڳاڙي سگهي؟.

هن چيو ته سنڌ ۾ نياڻين کي تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ هڪجهڙو نظام آهي،  حڪومت سهڪار فراهم ڪندي رهندي، سنڌ حڪومت 40 کان 50 هزار استاد آءِ بي اي ذريعي ميرٽ تي ڀرتي ڪيا.

مرتضيٰ وهاب چيو ته منهنجي سڃاڻپ پيپلزپارٽي آهي، سرڪاري سطح تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پارٽي پاليسي جي ضابطن تي عمل جو پابند آهيان، استعيفيٰ ذاتي فيصلو هو، ادارا آئين ۽ قانون موجب هلڻ گهرجن، قانونسازي پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي، ڪنهن جي ذاتي پسند نا پسند تي ملڪ ناهي هلندو.

وڌيڪ پڙهو: