اهم خبرون

پاڪستان

September 27, 2022 3:44 pm

عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر پيش نه ٿيا

اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيا.

پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ ۾ جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ توهان به ڪيس ۾ ڌر بڻيل آهيو.

پي ٽي آءِ جي وڪيل استدعا ڪئي ته اعتماد جي کوٽ تمام ٿي وئي آهي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي.

ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته اوهان جو موکل اڳوڻو وزيراعظم آهي، ڇا کيس استثنيٰ حاصل آهي؟ هڪ چارج فريم ڪرڻ يا ذاتي صلاحيت ۾ ڪال ڪرڻ هڪ منفي عمل ناهي.

پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: