پاڪستان

September 27, 2022 2:48 pm

اسحاق ڊار جي اچڻ انصاف جي منهن تي تماچو آهي: فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اسحاق ڊار جي گذريل 5 سالن جي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس اچڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جڏهن ڪو مفرور ملڪ واپس اچي ۽ اعليٰ عهدن تي ويهندو ته عدالتي نظام عوام جو اعتماد ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهندو، چاهي جج ڪيتريون ئي تقريرون ڪن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ لکيو ته اسحاق ڊار جي آمد پاڪستان جي انصاف واري نظام جي منهن تي چماٽ آهي، جنهن جي گونج ۾ ججن جون بلند آوازون دعوائون دٻجي ويون آهن.

واضح رهي ته خود ساخته جلاوطن اڳواڻ ۽ اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وطن واپس پهچي ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: