بين الاقوامي

دنيا

September 27, 2022 2:26 pm

ايران ۾ حراست ۾ ڇوڪري جي موت خلاف احتجاج دوران مارجي ويلن جو انگ 76 ٿي ويو

ايران ۾ 22 ورهين جي ڇوڪري مهسا اميني جي قتل خلاف 10 ڏينهن کان جاري احتجاج ملڪ جي 40 شهرن ۾ پکڙجي ويو آهي.

مغربي ميڊيا موجب مظاهرين خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪريڪ ڊائون ۾ مارجي ويلن جو انگ 76 ٿي ويو آهي ۽ 17 صحافين سميت 1200 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ايراني صدر ابراهيم رئيسي کانپوءِ چيف جسٽس به نرمي نه ڏيکاريندي مظاهرين خلاف فيصلائتي ڪارروائي تي زور ڏنو آهي.

ايران هڪ طرفي ميڊيا ڪوريج ۽ ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي الزام ۾ برطانيا ۽ ناروي جي سفيرن کي طلب ڪري احتجاج ڪندڙن جي آمريڪي حمايت تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

واضح رهي ته ايران ۾ پوليس جي حراست ۾ رهندڙ مهسا اميني 16 سيپٽمبر تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي. تهران ۾ 22 سالن جي مهسا اميني کي حجاب نه پائڻ تي حراست ۾ ورتو ويو.

مهسا اميني جي قتل کانپوءِ ايران جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، مظاهرين مطالبو ڪري رهيا آهن ته حجاب تي پابندي لڳائي وڃي ۽ عورتن سان تشدد ۽ امتيازي سلوڪ ختم ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: