سينٽرل لنڊن ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث 14 پاڪستانين جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب مريم اورنگزيب کي هراسان ڪرڻ ۾ 4 عورتون ۽ 10 مرد شامل آهن، حراسان ڪندڙن جي قوميت بابت به تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، انهن 14 ماڻهن جا پاڪستان طرفان جاري ڪيل سمورا ڪيرڪٽر سرٽيفڪيٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهي ڪيرڪٽر سرٽيفڪيٽ گهرو وزارت ۽ مختلف پوليس آفيسرن جاري ڪيا هئا.
ذريعن موجب نيڪپ (سمارٽ شناختي ڪارڊ) ۽ انهن ماڻهن جا پاسپورٽ منسوخ ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، گهرو وزارت سموري معلومات ڪابينا ۾ پيش ڪندي.