شوبز

September 27, 2022 2:11 pm

شاهه رخ خان کي ڪنهن کان شرم آيو؟

ڀارتي فلم انڊسٽري جي بي تاج بادشاهه شاهه رخ خان طرفان تازو ئي شيئر ڪيل هڪ قميص واري تصوير سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي.

هاڻ اها تصوير سندس اسٽائل مئنيجر پوجا دادلاني ۽ انيتا شروف به دلچسپ ڪيپشن سان شيئر ڪئي، جنهن تي شاهه رخ خان به تبصرو ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي شاهه رخ خان جي اسٽائل مئنيجر پوجا دادلاني شاهه رخ خان جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ’ماڻهو ان کان نظرون نه هٽائي سگهندا، اهو صرف سندس قدر وڌائيندو.

شاندار اداڪاري سان گڏ پنهنجي ذهانت ۽ حس مزاح جي ڪري مشهور شاهه رخ خان پوسٽ ۾ اپيل ڪئي ته ”مون کي ڏسڻ بند ڪريو، مان شرمسار آهيان“.

شاهه رخ خان پوجا ۽ انيتا کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ”توهان ٻئي شوٽنگ دوران مون کي سڀ کان وڌيڪ ڏسي رهيا هئا، اهو توهان جي ڪري هو جو مون کي شرم آئي ۽ مان ائين ئي ڏسي رهيو آهيان“.

واضح رهي ته فلم ”پٿان“ ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ جان ابراهم به شامل آهن ۽ اها فلم ايندڙ سال 25 جنوري تي رليز ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: