سنڌ جيعلائقن ۾ گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ 6 حياتيون ضايع ٿي ويون.
ميھڙ ڀرسان نوجوان اياز درياڻي، فريد آباد ۾ نينگر مينهل چانڊيو ۽ شهدادڪوٽ ويجهو ٻارڙي اسرار مڱڻهار مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو،
نارو ويجهو ڳوٺ ارشاد علي ڀرڳڙي ۾ نوجوان الله بخش ڀرڳڙي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو.
ٺاروشاھ ۾ به بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري ويون، ڳوٺ ٻانهون خان تيوڻو ۾ پيرسن سائينداد تيوڻو ۽ ڳوٺ عبدالڪريم وسطڙو ۾ فيض محمد وسطڙو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا.