رانديون

September 27, 2022 2:01 pm

پاڪ انگلينڊ سيريز ۾ شاداب ۽ نسيم کي ٽيم مان ڇو ٻاهر رکيو ويو؟

قومي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه لاهور اسٽيج ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي آرام سبب پليئنگ اليون ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

نسيم شاهه پهرين ٽي 20 ميچ ۾ ٽيم جو حصو هو پر کيس باقي ٽن ميچن ۾ آرام ڏنو ويو جڏهن ته شاداب خان کي مڪمل آرام ڏنو ويو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ هلندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون مرحلو ڪراچي ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن 2، 2 ميچون کٽيون، سيريز جو ٻيو مرحلو سڀاڻي لاهور ۾ شروع ٿيندو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ڪرڪيٽ ٽيمون اڄ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ ڪنديون.

3 ٽي ٽوئنٽي ميچون 28 سيپٽمبر، 30 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

وڌيڪ پڙهو: