اهم خبرون

پاڪستان

September 27, 2022 1:52 pm

اسحاق ڊار سڀاڻي ناڻي واري وزارت جو حلف کڻندو

مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار اڄ شام 4 وڳي سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار سڀاڻي صبح 10 وڳي وفاقي ناڻي واري وزير طور حلف کڻندو.

آئيني طور تي وزيراعظم ٻنهي ايوانن جو اڳواڻ هوندو آهي ۽ هن سينيٽ ۾ ان عهدي لاءِ اسحاق ڊار کي نامزد ڪيو آهي، جنهن تي حڪمران اتحاد به اتفاق ڪيو آهي.

پارٽي قائد ميان نواز شريف کيس ناڻي واري وزير لاءِ نامزد ڪيو آهي.

مفتاح اسماعيل اڳ ئي ناڻي واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي.

اسحاق ڊار جي حلف برداري جي موقعي تي پي ٽي آءِ مخالف ڌر بني گالا جي صلاح تي ايوان ۾ شور مچائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: