اهم خبرون

سنڌ

September 27, 2022 1:47 pm

ٻوڏ متاثرن جو طبي سامان چوري ٿي ويو

سنڌ جي شهر دادو جي تعلقي ميهڙ جي علائقي اياز ڪالوني ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل طبي سامان گاڏي سميت چوري ٿي ويو.

پوليس موجب عورت سماجي اڳواڻ سامان کڻي ميهڙ پهچي وئي هئي.

سماجي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائون ۽ ٻيو طبي سامان موجود هو.

ٻئي طرف ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جوهي شهر جو سرڪاري زميني رابطو بني سعيد آباد لنڪ روڊ کان بحال ڪيو ويو آهي، جوهي ڇنڊڻ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالين جي آمد و رفت شروع ٿي وئي آهي.

صحت کاتي موجب دادو ۾ سپرو بند تي دستن جي مرض ۾ مبتلا عورت فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موذي مرض سبب فوتين جو انگ 35 ٿي ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) موجب سڄي ضلعي ۾ مريضن جو انگ 1 لک 86 هزار کان وڌي ويو آهي، مليريا جي مثبت ۽ شڪي ڪيسن جو انگ وڌي 11 هزار 490 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مريضن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي. انگ وڌي 27 هزار 154 ٿي ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: