پاڪستان

September 27, 2022 1:44 pm

وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي ٻڏي ويل شهر خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ جکرو پهتو، وڏو وزير مراد علي شاهه به وزيراعظم سان گڏ هو،

وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير سان گڏجي ڳوٺ جکرو ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪئي،

ان موقعي تي انتظاميا بريفنگ ڏيندي چيو ته دادو ضلعو 7 جولاءِ کان ٻوڏ جي صورتحال کان منهن ڏئي رهيو آهي، بلوچستان ۾ برسات کانپوءِ نئن گاج ذريعي پاڻي جو وهڪرو دادو ۾ آيو،

بريفنگ ۾ چيو ويو ته 23 ۽ 24 آگسٽ تي دادو ۽ ڀرپاسي ۾ 1400 ملي ميٽر برسات پئي، ٻوڏ سبب دادو ضلعي ۾ 37 ماڻهو فوت ٿي چڪا، 22 ڄڻا زخمي ٿيا، 8 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن کي خيما فراهم ڪري رهي آهي پر خيمن جي کوٽ آهي، متاثرن لاءِ اسڪولز ۾ ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مشڪل وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي.

ايم اين اي رفيق جمالي وزيراعظم کي ٻڌايو ته خيرپور ناٿن شاهه ٻڏل آهي، باقي سڀني شهرن کي بچايو ويو آهي،

انتظاميه بريفنگ ڏيندي چيو ته خيرپور ناٿن شاهه مان 8 کان 10 ڏينهن اندر پاڻي ڪڍيو ويندو، مشينري موجود آهي، ڪوشش آهي ته روزانو 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪڍيو وڃي،

وڌيڪ پڙهو: