مٺي ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن،جنهن بعد هلندڙ سال فوتي ٻارن جو انگ وڌي 597 ٿي ويو.
سول اسپتال ۾ غذائي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.
وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال اندر ڊاڪٽرن سميت علاج جي سهولتن جي کوٽ آهي،جنهن سبب هر روز ڪيترائي ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.