سنڌ

September 26, 2022 4:23 pm

ڪوٽڙي جي ڪاروکهور واري علائقي ۾ عورت پراسرار نموني فوت

ڪوٽڙي  جي ڪاروکهور واري علائقي   ۾ عورت پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي،پوليس ڪارروائي ڪندي سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب ڳوٺ ملتاني ۾ ڇاپو هڻي فوتي عورت جو لاش دفنائيندڙ مڙس کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع مليو ته مسمات زاهدان کي سندس مڙس فيض محمد ملاح قتل ڪيو آهي،جنهن تي ڪارروائي ڪري سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

فوتي عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته گهرواري ڊينگي سبب فوت ٿي وئي هئي، لاش دفنائي رهيا هئاسين ته پوليس گرفتار ڪيو.

هوڏانهن ڇاڇرو ويجهو  ڳوٺ غفور جو تڙ ۾ مڙس گهرواري تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي.

جوابدران پاران لوهي سرين سان تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد عورت کي ڏنڀ ڏنا ويا.

وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار سڪندر عالم گهرواري رضيه کي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

وڌيڪ پڙهو: