سنڌ

September 26, 2022 4:15 pm

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري آهن

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري آهن.

ميھڙ   ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

هالا ۾ قومي شاهراهه تي ڀيل موري وٽ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو.
،ڪوٽڙي ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلا ف بوائز هاءِ اسڪول آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

تلهار ۾ ايس ٽي پي پاران متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مغل شادي کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف هنڌن کا ٿيندي بدين روڊ تي پهتي.

ڀان سيد آباد ويجهو ڳوٺ محبت جلباڻي ۾ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ  آهي ته  کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيو،انتظاميه راشن،ٽينٽ سميت ڪا به واهر نه ڪري سگهي آهي،انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،

وڌيڪ پڙهو: