سنڌ

September 26, 2022 4:10 pm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٻوڏ جي صورتحال تي اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاهه، ٻڏل شهرن مان پاڻي نيڪال وارو عمل تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته پاڻيءَ جي نيڪال وارو عمل تيز ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن زندگي معمول تي اچي سگهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٻوڏ جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن دوران آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو، چيف انجنيئر ۽ ٻين عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي.

آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته سپريو بند تي پاڻي سطح 5 کان 6 فوٽ گهٽجي وئي آهي، ڀان جي رنگ بند تي پاڻي گهٽ ٿي ويو، ايف پي بند تي چکي واري هنڌ تي لڳل گهارو به ٻڌو ويو آهي.

هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 123 ڏهائي 3 مان گهٽجي 118 ڏهائي 85 آر ايل تي پهچي وئي آهي، شهدادڪوٽ مين ڊرين ۽ ميروخان ڊرين جي سطح ۾ به پاڻي هڪ کان 2 فوٽ گهٽ ٿيو آهي.

اجلاس دوران چيف انجنيئر مورو ۽ محرابپور جو پاڻي ايل بي او ڊي ذريعي ڪڍڻ جي تجويز پيش ڪئي.

وڏي وزير خيرپور، نوشهروفيروز، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن مان پاڻي ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته پاڻيءَ جي نيڪال وارو عمل تيز ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن زندگي معمول تي اچي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: