پاڪستان

September 26, 2022 3:39 pm

هتي چورن کي ڊيل تحت اقتدار ۾ آندو ويندو آهي،پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هتي چورن کي ڊيل تحت اقتدار ۾ آندو ويندو آهي، اسحاق ڊار کي به هڪ ڊيل تحت پاڪستان آندو پيو وڃي، جيڪو پي ٽي آءِ  نه پر ن ليگ جي دور ۾ ڀڄي ويو هو.

لاهور ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسحاق ڊار کان نيب پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي پيءُ وٽ سائيڪل به نه هئي، ايتري ملڪيت ڪٿان آندي؟ جواب نه هئڻ تي هـُو وزيراعظم جي جهاز ۾ فرار ٿي ويو هو.

هن چيو ته قوم هن وقت بدترين مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، 60 سيڪڙو ڪابينا ضمانت تي آهي ۽ حڪمرانن پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته قوم هن وقت بدترين مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اسان جي حڪومت سازش ذريعي هٽائي وئي، حڪمرانن پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ شروع ڪيا، 60 سيڪڙو ڪابينا ضمانت تي آهي.

وڌيڪ پڙهو: